جَون ايليا

جَون ايليا

جَون ايليا

جَون ايليا: اردوءَ جي مشهور شاعر جَون ايليا ، جو پورو نالو جَون اصغر ولد سيد شفيق حسين ايليا هو ، 14 ڊسمبر 1931ع تي ڀارتي شهر امروها ۾ ڄائو . سندس جنم پڙهيل لکيل گهراڻي ۾ ٿيو ، سندس والد علامه شفيق حَسن ايليا ڪيترين زبانن جي علم ، ادب جو ڄاڻو ۽ شاعر هو . هيءُ رئيس امروهيءَ جو ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪه زاهده حنا جو مڙس هو . جَون ايليا ۽ زاهده حنا ۾ عليحدگي 1980ع ۾ ٿي . هو عربي ، فارسي ۽ انگريزي پڙهيو ، هيءُ اسڪول ۾ ئي پڙهندو هو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ، جنهن بعد 1957ع ڌاري هي ٻين مهاجرن سان گڏ هتي اچي ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا ، جتي اردوءَ ۾ ايم . اي ڪرڻ سميت عربي ۽ فارسيءَ جون سندون حاصل ڪيائين . کيس عبراني ٻوليءَ تي به عبور حاصل هو ، ننڍپڻ ۾ ئي شاعري شروع ڪيائين . 1958ع ڌاري ماهوار رسالي ’انشا ‘ ۾ باقائدي لکڻ شروع ڪيائين ۽ ادبي دنيا ۾ مختصر عرصي ۾ نالو ڪڍيائين ، اڳتي هلي اهو ساڳيو رسالو 1964ع ڌاري ’عالمي ڊائجيسٽ ‘ جي نالي سان نڪرڻ لڳو ، جيڪو 1988ع تائين باقاعده شايع ٿيندو رهيو . 1963ع کان 1968ع تائين هيءُ اسماعيلي فرقي وارن جي تحقيقي ۽ تصنيفي اداري سان ايڊيٽر طور لاڳاپيل رهيو ، جتي هن اسلامي تاريخ ۽ فلسفي تي ٻڌل ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا . 1967ع ڌاري ترقي ۽ اردو بورڊ پاران تيار ڪئي ويندڙ اردو جي لغت ۾ پڻ هن جون خدمتون شامل رهيون . جنهن ۾ 1976ع تائين لغت جي ڪم ۾ هيءُ مددگار طور شامل رهيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين . 1979ع ڌاري هن اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ رهڻ دوران مشهور فلاسافر ’طوسي ‘ جي ڪلام تي مبني ڪتاب ’تجريد ‘ جو اردو زبان ۾ بهترين ترجمو ڪيو . اردو ادب ۾ سندس خدمتن عيوض حڪومت طرفان کيس 2000ع ۾ ’حسن ڪارڪردگيءَ ‘ جو صدارتي تمغو ڏنو ويو . 1988ع ڌاري هن ’روشن خيال ‘ نالي هڪ ماهوار مئگزين جاري ڪيو . ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرڻ سميت تصنيف به ڪيائين . سندس پهريون شعري مجموعو ’شايد ‘ 1991ع ۾ شايع ٿيو . شاعري جي ڪتابن ۾: ( 1 ) شايد ( 1991ع ) ، ( 2 ) يعني ( 2003ع ) ، ( 3 ) گمان ( 2004ع ) ، ( 4 ) ليڪن ( 2006ع ) ، ( 5 ) گويا ( 2008ع ) جي نالي سان شايع ٿيل آهن . هن ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا ، جن ۾: ’مسيح بغدادي ‘ ، ’حلاج اسماعيليت ‘ ، ’يمن ميسي ‘ ، ’تهذيب ‘ ، ’شام و عراق ۾ ‘ ، ’مطالعه طواسين ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن . جون ايليا کي فلسفي ، منطق ۽ اسلامي تاريخ جي ڄاڻ هئي ، نرالي شاعر طور به مشهور هو . هيءُ 8 نومبر 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو .


لفظ جَون ايلياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.12.14  عيسوي

جَون ايليا ، جو پورو نالو جَون اصغر ولد سيد شفيق حسين ايليا هو ، 14 ڊسمبر 1931ع تي ڀارتي شهر امروها ۾ ڄائو .


2002.11.08  عيسوي

جون ايليا 8 نومبر 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي خميسو خان ميمڻ
پير بخش فاروقي،دلريش
شازيه پتافي ڊاڪٽر
رام شرن شرما
حافظ محمد 2
سيد غوث حسين شاهه 1
انجينئر جمال الدين وينجهر
ارباب عطاءُ الله
عـاقـب جـاويـد
پير رڪن الدين سخي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون